روزي ۾ وات مان ايندڙ بوءِ ۽ ان جو حل

روزي ۾ وات مان بوءِ (بدبو) ڇو ايندي آهي ۽ ان کي ڪيئن ختم ڪجي؟

وات جي بوءِ (بدبو) جا ڪيترائي سبب آهن، جن مان سڀ کان اهم آهي ڏندن جي صفائي ۾ لاپرواهي. تنهن هوندي به روزو رکڻ دوران وات ۾ بوءِ (بدبو) اچڻ جا ڪيترائي سائنسي سبب آهن، جن کي ڄاڻڻ سان اسان ان جو ازالو ڪري سگهون ٿا ۽ اعتماد سان روزو بھ رکي سگھون ٿا

انساني وات مختلف قسم جي بيڪٽيريا جو ڳڙ آهي. اسان جي وات ۾ ڇهه غدود آهن جن کي سيولوري گلينڊ سڏيو ويندو آهي. ان مان ٿُڪَ ٺھندي آھي، ٿُڪ (لُعاب) ۾ 99سيڪڙو پاڻي ۽ 1سيڪڙو پروٽين ۽ لوڻ آهي. انهن مان هڪ سڀ کان اهم هڪ اينزيم آهي کي جنھن جو مقصد وات ۾ داخل ٿيندڙ ڪاربوهائيڊريٽ يا نشاستي کي ٽوڙڻ آهي ته جيئن اهو بهتر هضم ٿي سگهي. ان کان علاوه ٿُڪ  (لعاب) وات کي نم رکي ٿي جيڪو ڏندن، مسوئن ۽ زبان تي پاڻيءَ جي هڪ ٿھ رکي ٿي جيڪو وات ذريعي جسم ۾ داخل ٿيندڙ نقصانڪار بيڪٽيريا کي پکڙجڻ جو موقعو نٿو ڏئي

هاڻي جڏهن توهان روزو رکو ٿا ته توهان گهڻي وقت تائين نه کائيندا آهيو ۽ نه پاڻي پيئندا آهيو جيڪو توهان جي وات ۾ ٿُڪ (لعاب) جي مقدار کي گهٽائي ٿو اِهو ڏندن ۽ مُھارن تي بيڪٽيريا جي واڌ کي وڌائي ٿو جيڪو وات جي بوءِ (بدبو) جو سبب بڻجي ٿو، پرصرف اھو عمل اڪيلو وات جي بوءِ (بدبو) جو سبب ناهي، جڏهن توهان کاڌو نه کائيندا آهيو توهان جو جسم توانائي لاء ذخيرو ٿيل چرٻي کي ٽوڙي ان مان توانائي حاصل ڪرڻ شروع ڪندو آھي، توھانجي جگر ۾ ھڪ عمل ٿيندو آھي جنھن کي ڪيٽوجينس چوندا آھن ان ۾ جگر چرٻي جي ماليڪيولز کي ڪيٽونز ۾ تبديل ڪندو آھي جيڪو گلوڪوز جي متبادل طور توانائي لاءِ استعمال ٿيندا آھن

روزي جي حالت ۾ ڪيٽوجينس جو عمل وڌي ويندو آھي جنھن ۾ ڪيٽونز وات جي ٿُڪ ۾ بھ اچي ويندا آھن ۽ وات ۾ موجود بيڪٽيريا به انھن کي کائيندا آھن جنھن ڪري به بوءِ (بدبو) ايندي آھي انکان علاوھ ڪيٽونز ساھ ذريئي به خارج ٿيندا آھن، دراصل ڪيٽونز جي پنھنجي به بوءِ ھوندي آھي، ڪيٽونز ھڪ خاص طرح جي ماليڪيولز جو ھڪ گروپ آھي

ھڪ ٻئي وجھ اھا آھي تھ اسان روزي ۾ گھڻي دير تائين ڪجھ ناھيون کائيندا تھ اسانجي معدي ۾ تيزاب ۽ ٻيا ايمزئمز جيڪي کاڌي کي ھضم ڪرڻ لاءِ خارج ٿيندا رھندا آھن خوراڪ نه ملڻ جي صورت ۾ وڌي ويندا آھن ان سان معدي ۾ تيزابيت جي ليول وڌي ويندي آھي ۽ خوراڪ جي ناليءَ جي مٿين حصي يعني ايسوفيڪس تائين به اھيو تيزاب ايندو آھي ان سان به وات مان بوءِ خارج ٿيندي آھي

ھي اُھي عمل آھن جنھن سان روزي جي حالت ۾ يا گھڻي دير تائين نھ کائڻ پيئڻ ڪري بوءِ ايندي آھي، ھاڻي ان سڀن جو تدارڪ ڪئين ڪجي؟

1. افطار کان پوءِ جسم ۾ پاڻي جي ڪمي کي پورو ڪجي ته جئين وات گھٽ ۾ گھٽ خشڪ رھي
2. ميوا خاص طور تي جنھن ۾ فائبر وڌيڪ ھجي جئين ناشپاتي وغيرھ جو وڌيڪ استعمال ڪجي تھ جئين تيزاب ساھ جي نالي تائين نھ اچي.

3. ڏندن کي سمھڻ کان پھريان ۽ سھرِي کان پوءِ سُٺي نموني سان صاف ڪجي، گرڙي ڪرڻ گھرجي، ٿي سگھي تھ مائوٿ واش استعمال ڪجي

4. سھرِي ۾ وڌيڪ مرغن کاڌن کائڻ کان پرھيز ڪجي ان سان تيزابيت ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ وات ۾ بوءِ جو سبب بڻجي ٿو

پراڻي زماني ۾ سائنسي علم گھٽ ھجڻ ڪري ان جو بظاھر ان جو  علاج نه ھيو پر اسان وٽ سائنس جو علم آھي ان جو استعمال ڪري ان تمام ڳالھين تي عمل ڪري ٻين کي پنھنجي وات جي بدبو سان بيھوش ڪرن کان بچائي سگھون ٿا

راحي حميد

 

Comments

Post a Comment