Che Guevara (چَي گويرا)


ڇَي گويرا

 چَي گويرا ڪير ھو؟

  14جون 1928 جو تاريخي ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ جو ان ڏينهن دنيا جي مهان انقلابي ليڊر چي گويرا “ڊاڪٽر ارنيسٽو” جي ارجنٽائن واري گهر ۾ اک کولي هئي

چي گويرا موت کان 2 سال اڳ الجزائر ۾ ايفروايشن ساليڊيرٽي سيمينار ۾ پنهنجي عالمي خطاب  ۾ چيو هيو ته موت اچڻ تائين جاري رهندڙ جدوجهد جي ڪا حد نه هوندي. دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪجهه ٿي رهيو آهي اسان ان کان اڻ ڄاڻ نه ٿا رهي سگهون،سامراج خلاف ڪنهن هڪ ملڪ جي سوڀ اسان جي فتح ۽ ڪنهن هڪ ملڪ جي ناڪامي اسان جي ناڪامي آهي.

چي گويرا پنهنجي مختصر زندگي ۾ ڇا نه ڪيو هو؟

رگبي ۽ شطرنج جو رانديگر ،ساهه جي بيماري ۾ مريض، ڊاڪٽر ، ڦوٽوگرافر، موٽر بائيڪ رائيڊر، شاعر، گويرا ڪمانڊر، پيءُ مڙس، ڊائري نويس، اديب ۽ انقلابي!!

هو هڪ انسان جي صورت ۾ گهمندڙ ڦرندڙ تڪيلف هو،اهڙو عبدالله جيڪو ڪنهن به شادي کي ديوانو ٿيڻ لاءِ بيگانو نه سمجهندو هيو تنهن ڪري سڄو لاطيني آمريڪا ۽ پوءِ پوري دنيا هڪ ئي ملڪ هو، ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته ارجنٽينا  جي هڪ ننڍڙي گهر ۾ پيدا ٿيندڙ ارنسٽو  ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪري ڪٿي نوڪري ڪري وٺي ها، يا پنهنجي ڪلينڪ کولي ڪجهه پئسه ڪمائي شادي ڪري ٻه چار ٻار پيدا ڪري مري وڃي ها پر عظيم انسان ايئن ڪٿي ڪندا آهن، ارنسٽو اهو سڀ نه ڪيو، پر تعليم دوران هڪ ڏينهن پنهنجي دوست البرٽو گراناڊو کي 500 سي سي جي نورٽن موٽر سائيڪل تي ويهاري اڻ ڄاڻ سفر تي  نڪري پيو.

ارجنٽينا کان گوئٽي مالا تائين 8 ڪلاڪن جو سفر ڪيو، پيرو ۾ ڪيترا ئي هفته جزامين جي وسندين ۾ گذاريا، رستن ۾ کيس ڪڏهن به ٿڪاوٽ نه ٿي، ڇاڪاڻ ته ماڻهن جي تڪليف سٽيل زندگي ڏسي هو ٿڪاوٽ وساري ڇڏيندو هو، پر لکڻ نه وساريو، مرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ تائين هڪ مشاهدو ڊائري ۾ قلم بند ڪيو، ان سفر ارنسٽو جي اندر مان ان چي گويرا کي جنم ڏنو، جنهن طئي ڪيو ته انصاف هٿياربند جدوجهد کانسواءِ حاصل نه ٿو ڪري سگهجي، چي اهو طئي ڪرڻ کانپوءِ يونيورسٽي آف بيونس آئرس مان ڊاڪٽري مڪمل ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي ملڪ کي اهڙو خير آباد چيو جو لاش به واپس  نه آيو، چي گويرا ايندڙ تيرهن سالن جي زندگي غالب جي ان مصري ۾ وهامي وئي ته “میری رفتار سے بھاگی ہے بیاباں مجھ سے” هو گوئٽي مالا پهتو جتي امريڪي سي آءِ اي اصلاح پسند صدر اربينر جي رت جا اڃارا هئا، چي گويرا مزاحمت ۾ حصو ورتو، پر جڏهن ته صدر اربينز ئي ميڪسيڪو جي سفارت خاني ۾ پناهه ورتي ته چي گويرا جي دل ٽٽي پئي، چي گويرا روحاني طور هڪ عالمي روح جو مالڪ هو، جنهن کي هڪ سوڙهي گهٽي، ملڪ ۾ قيد ٿيڻ پسند نه هو، تنهن ڪري هڪ اهڙي وقت جڏهن هو گوئٽي مالا ۾ مالي ڏکيائين جي ور چڙهي ويو هو، هن ڊاڪٽر جي نوڪري ڪرڻ کان ان ڪري انڪار ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته شرط رکيو ويو هو ته مقامي ڪميونسٽ پارٽي جو باقاعده ميمبر ٿي وڃي آزاد طبيعت جو مالڪ چي گويرا کي مارڪسٽ نظريو رڳو ان ڪري پسند هو ته ان جي خيال ۾ حاضر دور ۾ اهو سڀ کن وڌيڪ عوام دوست نظريو هو.

گوئٽي مالا مان ان جو رابطو ميڪسيڪو ۾ موجود ڪيوبا جي جلاوطن حريت پسندن سان ٿيو ۽ 1955 ۾ ان جي فيڊرل ڪاسترو سان ميڪسيڪو ۾ ئي پهرين ملاقات ٿي، چي گويرا ڪاسترو جو آمريڪا نواز ڪيوبائي حڪومت جو تختو اوندهو ڪرڻ ۽ گوريلا جدوجهد ذريعي انقلاب آڻڻ ۾ ايترو سچائيءَ سان ساٿ ڏنو جو ڪڏهن ڪڏهن اهو اندازو به لڳائڻ ڏکيو ٿي پوندو هو ته انقلاب آڻڻ ۾ گهڻو ڪردار ڪنهن ادا ڪيو آهي، ارجنٽائن جي شهري چي گويرا جي انقلابي خدمتن طور انقلاب کانپوءِ کيس ڪيوبا جي شهريت ڏني وئي، انقلابي عدالت جو سربراهه بڻايو ويو، جنهن ۾ انقلاب جي سوين دشمنن کي موت جي سزا ڏني، پوءِ چي گويرا کي نيشنل بينڪ آف ڪيوبا جو صدر بڻايو ويو، ان زماني جي ڪيوبائي ڪرنسي نوٽن تي چي گويرا جي صحيح موجود آهي، پوءِ چي گويرا کي صنعت واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو، جنهن دوران هن نيو يارڪ ۾ گڏيل قومون جي اجلاس ۾ ڪيوبيائي وفد جي قيادت ڪئي

آمريڪي چينلز کي انٽرويو ڏنا، سينٽيرز کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ۽ فلسفو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ راڪ فيلر ڪنٽب سان ڊنر ڪندي کيس اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته امريڪي پاليسين کي لاطيني آمريڪا جو هڪ ماڻهو ڇو پسند ناهي ڪندو، چي گويرا نيويارڪ کان فرانس، چين ، اتر ڪوريا کان ٿيندو مصر پهتو، جتي جمال عبدالناصرکيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ماٺ ڪري اڃان وڏي عمر پئي آهي. چي گويرا ناصر جي اها ڳالهه ٻڌي ۽ پوءِ الجزائر سميت ست نون آزاد آفريڪي ملڪن جي دوري تي هليو ويو ۽ 3 مهينا اتي رهيو، 14 مارچ 1965ع تي جڏهن ڪيوبا  ۾ لٿو ته ڪاسترو ايئرپورٽ تي آجيان ڪئي، ٻن هفتن کانپوءِ چي گويرا اوچتو منظر عام تان گم ٿي ويو ۽ ڏيڍ سال کانپوءِ سندس موت جي خبر سامهون آئي


چي گويرا ۽ ڪاسترو ۾ ملڪ جي اقتصادي پاليسي تي عملدرآمد جي حڪمت عملي تي اختلاف ٿي پيو، چي گويرا تُرڪي کي چيني ماڊل تي عمل ڪرائڻ چاهيو پئي، جهڙي ريت هو آمريڪا کي اترئين دنيا جو ايڪسپلائيٽر سمجهندو هو ، اهڙي ريت سويت يونين کي ڏاکڻين دنيا ۾ سڌارا آڻڻ چاهيو پئي، ان زماني ۾ چين، روس نظرياتي چپلقش عروج تي پهچي چڪو هو، ڪاسترو کي آمريڪي خطري ۽ علائقائي صورتحال جي ڪري سويت يونين جي چونڊ ڪرائڻي پئي، چي گويرا 1962ع ۾ سويت ميزائل اچڻ کانپوءِ خورشچيف پاران امريڪا جي مقابلي ۾ مات تسليم ڪري اهو ميزائل هٽائڻ واري فيصلي سان سخت مايوس ٿيو هيو، سوچيو ته ان کان اڳ جو ڪاسترو کيس نظرياتي بار سمجهي ۽ ان کي نڀائڻ ڏکيو ٿي پوي، ان کان بهتر آهي، ڪنهن ٻئي هنڌ روانگي لاءِ سامان تيارڪري وٺجي، چي گويرا سمورن سياسي ۽ سرڪاري عهدن تان عليحدگي اختيار ڪئي، ۽ ڪيوبائي شهريت واپس ڪئي ۽ ڪاسترو کان ڪانگو وڃڻ جي اجازت گهري، جتي چي گويراکي سي آءِ اي جي سازش جي نتيجي ۾ قتل ٿيل وزيراعظم پيٽرڪ لوممبا کانپوءِ انقلابي جدوجهد جا آثار نظر اچي رهيا هئا، چي گويرا ڪجهه انقلابي دوست پاڻ سان گڏ وٺي اپريل 1965 ع  ۾ ڪانگو پهتو، پر ڪانگو جي انقلابي سوڙهي دل جا مالڪ نڪتا، تنهن ڪري 7 مهينا چي گويرا مايوسي جي صورت ۾ ڪانگو ڇڏيو ۽ موزمبيڪ پهچي ويو، جتي تگيزي نئين قائم ٿيل حڪومت کي نبرداز مان فري ليمو تحريڪ کي خدمتون پيش ڪيون، پر فري ليمو وارا چي گويرا کي نه سمجهي سگهيا، ڪاسترو چي گويرا کي نياپا موڪليندو رهيو ته واپس اچو، پر چي گويرا جنهن ملڪ جي شهريت پاڻ ڇڏي اتي سندس  غيرت ٻيهر وڃڻ جي اجازت نه ڏني، چي گويرا ڪاسترو کي  نياپو موڪليو ته هو رڳو ڪجهه مهينن لاءِ ڳجهي طرح واپس اچڻ چاهي ٿو ته جيئن ڪنهن ٻي هنڌ وڃي انقلابي جدوجهد ڪري سگهي، چي گويرا موزمبيق مان چيڪو سلواڪيا پهتو ۽ پنهن جي سڃاڻپ ۽ نالو تبديل ڪري اولهندي يورپ جي ڪجهه ملڪن جو سفر ڪندي  ڪيوبا پهتو، جتي سندس خواهش موجب سندس  موجودگي کي ڳجهو رکيو ويو، ان دوران ڪاسترو  بوليويا ۾ هڪ انقلابي ڇاپا مار تحريڪ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ بوليويا جي مقامي ڪميونسٽن جي سهڪار سان 4700 ايڪڙ زمين خريد ڪئي. چي گويرا بوليويا جي مشن تي وڃڻ جي حامي ڀري ۽ نومبر 1966ع ۾ هو بوليويا پهتو ، جتي ڪجهه عرصي ۾ 50 جي لڳ ڀڳ گوريلن جو جٿو تيار ڪيو، پر بوليويا جي سويت نواز ڪميونسٽ قيادت چي گويرا جو رڳو ڏيکاء وارو ئي ساٿ ڏنو، سي آءِ اي کي ڪانگو ۾ چي گويرا جي موجودگي جو پتو پئجي ويو هيو ، بوليويا پهچڻ تائين چي گويرا جي چر پر تي ڪرڙي نظر رکي وئي هئي، بوليويا جي جنگ ۾ چي گويرا جي ڇاپا هڻندڙ ۽ بوليويائي جٿن ۾ ڪيتريون ئي چڪريون ٿيون، جڏهن ته ڪنهن زخمي فوجي کي قيدي بڻايو ويندو هو ته ڊاڪٽر چي گويرا ان قيدي جو علاج ڪري کيس آزاد ڪري ڇڏيندو هو

هڪ ڀيرو ويڙهه دوران چي گويرا جا 6 ساٿي مارجي ويا ۽ چي پاڻ به زخمي ٿيو ، ان  کانپوءِ هيٺين علائقن ۾ ڪيتريون ئي هٿياربند ڪارروائيون ڪيون ويون ته جيئن زخمين جي علاج لاءِ ڪجهه دوائون ملي سگهن، سي آءِ اي چي گويرا کي جيئرو گرفتار ڪرڻ لاءِ فيلڪس روڊ ريگز نالي ايجنٽ جي قيادت ۾ هڪ خصوصي ٽيم جوڙي، 8 آڪٽوبر 1967ع تي مخبري جي نتيجي ۾ چي گويرا سندن ڪجهه ويڙهاڪ ساٿين سوڌو گرفتار ٿيو ، سي آءِ اي واشنگٽن هيڊڪوارٽرز مان پيغام ڏنو ويو ته چي گويرا کي قتل ڪيو پيو وڃي، کيس ايندڙ ڏينهن منجهند هڪ وڳي گولي هنئي وئي، روڊويگز چي گويرا جي روليڪس واچ نشاني طور پاڻ وٽ رکي، تدفين کان اڳ چي گويرا جي مٿي جي وارن مان ڪجهه وار کل سوڌو پٽي گستاوو ولولدو پنهنجي ٿيلي ۾ رکيو، جنهن کي  25 آڪٽوبر تي  آمريڪي شهر ڊلاس جي هيريٽيج آڪشن گيلري ۾ نيلام ڪيو ويندو، جڏهن ته چي گويرا جي فليش لائيٽ سي  آءِ اي جي هيڊڪوارٽر ۾ نوادرات ۾ رکيل آهي

چي گويرا مرڻ کانپوءِ اهڙي ريت جيئرو ٿيو ته 1968ع ۾ شاگردن جي عالمي تحريڪ دوران چي گويرا جون اهي تصويرون جيڪي ڦوٽوگرافر البرٽو ڪورڊا 1960ع ۾ ڪڍيون هيون،  لکين ٽي شرٽس ۽ پوسٽرس تي چپجي ويون ۽ اتان کان ٿيندي جهنڊي، ڪافي جي مڳ ۽ ڪيپ تي پرنٽ ٿي ڪري ملٽي ملين ڊالر صنعت ۾ تبديل ٿي ويون،
چي گويرا بابت 1967ع ۾ ارجنٽينا جي ناول نگار هيڪٽر اوستر هيلڊ لکيو ته کيس ان وقت  جي ارجنٽينا تي قابض فوجي حڪومت ازيتون ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، 1996ع ۾  چي گويرا سفير ڊائري موٽر سائيڪل ڊائريز جي  نالي سان پڌري ٿي ،جنهن کي 2004 ع فلم جي شڪل ڏني وئي، ان عرصي ۾ سموري دنيا ۾ چي گويرا لاءِ سوين گيت لکيا ۽ ڳايا ويا. نڪارگوا جي سندانستا تحريڪ ۽ ميڪسيڪو جي زپاتا تحريڪ جو بنياد گويراازم تي آهي. وينزويلاجي صدر هوگوشاويز عام جلسن ۾ سدائين چي گويرا جي تصوير واري شرٽ پائي خطاب ڪندو هيو، 1997ع ۾ چي گويرا جا ٻئي هٿ ڪٽيل لاش جي باقيات ويلي گرائونڊ جي هوائي پٽي جي هيٺيان هٿ آيا. جن کي 6 ٻين ساٿين جي لاشن سميت ڪيوبا آندو يو، ۽ سانتا ڪلارام ۾ هڪ مزار اڏي قومي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سانتا ڪلارام اها جاءِ آهي جتي 1965ع ۾ چي گويرا جي قيادت ۾ ڪيوبائي انقلاب جي آخري فيصلائتي ويڙهه ٿي هئي، پاڻ بوليويا ۾ زمانو ائين تبديل ٿيو جو ان وقت جي صدر ايوو موراليس ڪوڪا جي پنن سان تيار ٿيل چي گويرا جي تصوير صدارتي محل ۾ لڳائي وئي، شايد اهو سڀب ان ڪري ٿيو جو مرڻ کان اڳ چي گويرا جي آخري الفاظ هئا ته “ گولي هلايو بزدلو، توها ن رڳو هڪ شخص کي ماري سگهو ٿا ” شايد چي گويرا ان ڪري عالمي  مزاحمت جو  نشان آهي،  جو هن ڪڏهن به ڪنهن عام شهري کي قتل نه ڪيو


عبدالطيف جوکيوجي ٿورن سان

Comments

Post a Comment