Raja Dahir (راجا ڏاھر)

جي سينا مھاراجا ڏاھر

تاريخ ۾ سنڌ وطن مٿان هزارين ٻاهريان حمله ۽ يلغارون ٿيون آهن، جن ۾ تاريخ جي سمورن حملي آورن سنڌ جي جاگرافي وسيلن ۽ آزاديءَ کي تاراج پئي ڪيو آهي. سن 623 ۾ آزاد سنڌ ملڪ تي راءِ گهراڻي جو دور حڪومت پورو ٿيو ۽ راءِ گهراڻي جي آخري بادشاهه راءِ سهاسي ٻئي جي وفات کانپوءِ ان جي وفادار حڪمران عملدار چچ پٽ سيلاج جي هٿن ۾ سنڌ جون واڳون اچي ويون، چچ پنهنجي ڏاهپ حڪمت ۽ فوج جي مهارت سان سنڌ ملڪ جون واڳون سنڀاليون. ان وقت  سنڌ ملڪ جون حدون هڪ طرف ڪشمير ته ٻئي طرف ايران، خراسان ۽ اوڀر ۾ راجستان تائين وڌائي هڪ وڏي سنڌو سلطنت بڻائي ڇڏي هئي. جنهن کي تاريخدان عظيم سنڌو سلطنت يا چچ ايمپائر به سڏين ٿا.آزاد سنڌ جي شهنشاهه چچ جي وفات کانپوءِ ڪجهه وقت لاءِ سنڌو سلطنت تي چچ جي ڀاءُ چندرسين حڪومت ڪئي، پر انهيءَ کان ستت پوءِ سڄي عظيم سنڌو سلطنت تي چچ اعظم جي عظيم پٽ مهاراجا ڏاهر جي حڪومت قائم ٿي وئي. راجا ڏاهر آزاد سنڌ جي تاريخ اهو بهادر بادشاهه بڻيو جنهن جي دور ۾ سنڌ رعايا ۾ ٻڌ عظم جو عروج هيو ۽ ٻڌعظم سان گڏ سنڌ ۾ سناتن ڌرم، هندو ڌرم، اوائلي اسلام جيڪو صوفي سلسلي ذريعي سنڌ ۾ آيو هيو، عيسائيت ۽ ديبل ۾ يهودي مذهب جا پيروڪار پاڻ ۾ ڀائپي ڀائيچاري ۽ رواداري سان گڏوگڏ رهندا آيا پئي. راجا ڏاهر جي دور ۾ سنڌ جو واپار ڪاروبار زراعت ۽ صنعت ڏيهان ڏيهه مشهور هئي، سنڌ جا واپاري ۽ صنعتڪار ان وقت آزاد سنڌ جي مشهور سامونڊي بندرگاهه ديبل ذريعي پنهنجا سامونڊي جهاز ۽ ٻيڙا خليج جي ملڪن کان وٺي سڄي دنيا ۾ سامونڊي واپاري بندرگاهن ۽ مرڪزن تائين هلائيندا هئا. راجا ڏاهر جي دور ۾ آزاد سنڌ جي خوشحالي، رواداري ۽ ترقي آسپاس جي ڦورن، لُٽيرن ۽  حملي آورن کان برداشت نه ٿيندي هئي، اهو ئي سبب آهي جو عربن جي خلافت  واري دور جي شروعات کان وٺي سنڌ مٿان حملن جو سلسلو شروع ڪيو ويو، ۽ 712 ۾ آخري ۽ 14هون حملو محمد بن قاسم جي وڏي حملي کان پهرين سنڌ ملڪ تي عرب حملي آور لشڪر پهرين به 13 حملا ڪري چڪا هئا،جنهن کي سنڌ وطن جي سرفروش سپاهين ناڪام بڻائي ڇڏيو. 712 ۾ آزاد سنڌ ملڪ جي ڦرلٽ ۽قبضو ڪرڻ لاءِ ان وقت بغداد جي اموي گهراڻي جي حڪمران خليفي عبدالملڪ جي دور ۾ سنڌ تي وڏي حملي لاءِ فوج موڪلي وئي، جيڪا حجاج بن يوسف جي حڪم تي محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾ سنڌ تي ڪاهه هئي، هيءَ فوج ٻن رستن کان آزاد سنڌ تي حملي آور ٿي، هڪ طرف محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾ گهوڙي سوار فوج جو وڏو لشڪر مڪران جي زميني رستي کان ڪاهي آئي، ته ٻئي طرف سامونڊي رستي کان منجنيڪون کڻائي اچي آزاد سنڌ جي تاريخي بندرگاهه ديبل جي قلعي جو گهيراءُ ڪيو، محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾ ديبل جي قلعي کي لڳ ڀڳ هڪ مهيني تائين گهيرو جاري رهيو، ۽ ابن قاسم جي فوج سان سنڌي سرفروش مهاڏو اٽڪائي بيٺا  رهيا. ڪجهه مقامي ٻوڌي نجومين ۽ مُلن جي غداري سان ديبل بندرگاهه جي قلعي مٿان ڦڙڪندڙ آزاد سنڌ جي ڳاڙهي جهنڊي کي منجنيڪ جي پٿر ذريعي نشانو بڻائي هيٺ ڪيرايو ويو، جنهن کانپوءِ ديبل قلعي جا دروازا کلي ٽوڙي هزارن جي تعداد ۾ مزاحمت ڪندڙ سنڌ جي سرفروش سپاهين جو قتل عام ڪيو ويو، محمد بن قاسم ديبل جي قلعي مان ڪروڙين روپين جو سون، چاندي، هيرا ڦريا. سون جي تعداد ۾ سنڌي نياڻين کي جنگي قيدي طور گرفتار ڪري پنهنجي لشڪر ذريعي هتان کان اغوا ڪيو ويو، محمد بن قاسم پاران ديبل بندرگاهه جي قلعي تي حملي ۽ فتح کانپوءِ نيرون ڪوٽ، سيوهڻ، ٻڌيا جي قلعن تي ڪيل حملن فتحن کانپوءِ درياهه ٽپي راوڙ جي قلعي جو گهيراءُ ڪري ويهي رهيو، شهيدِاعظم مهاراجا ڏاهر سنڌ وطن جي دنگن ۽ ننگن حفاظت ڪندي حملي حملي آور ابن قاسم سان قلعي ٻاهران وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويو. ابن قاسم راوڙ جي قلعي جي فتح کانپوءِ لڳاتار سڄي سنڌ تي حملا ڪندو ۽ ڦرلٽ ڪندو اڳتي وڌندو ويو، عربن جي فتح سنڌ بابت لکيل تاريخ چچ نامي موجب محمد بن قاسم سنڌ مٿان ڪيل ان وڏي حملي ۾  لڳ ڀڳ 2 لک سنڌي ماڻهن جو قتل عام ڪيو، لڳ ڀڳ 2 کرب جو سون، دولت مال ملڪيت جي ڦر لٽ ڪئي، ۽ سنڌ جي 8 هزار سنڌي نياڻين کي اغوا ڪري بغداد جي بازارن ۾ نيلام ڪيو.                                                                                                             

  راجا ڏاھر جي تاريخي ڊاڪومينٽري ويڊيو ڏسڻ لاءِ لنڪ تي ويندا

https://www.youtube.com/watch?v=ZLB9ChacTNQ



Comments