Rooplo Kolhi (روپلو ڪولھي)

اَمر شهيد روپلي ڪولهيءَ کي ڀيٽا

سنڌ جي پهاڙي سلسلي ۾ ڪارونجهر جي ٽَڪري، پَٿرن جي وجود کان وڌيڪ اَڏولتا جو اُهڃاڻ، جُستجو ۽ جدوجهد جي علامت آهي، جنهن کي پارڪر جي سوڍن ۽ ڪولهين پنهنجي رَتَ سان رَنگي اَمَر ڪري ڇڏيو آهي. تاريخ جي وَرقن، توڙي لوڪ ڪَٿائُن ۾ سوڍن جي صاحبيءَ دوران ڪارونجهر جي هيري طور اَمَر روپلي ڪولهيءَ جو نالو مٿانهون نظر اچي ٿو.          

اَمَر روپلي ڪولهيءَ جو نالو وٺڻ سان چَندَن گڍ جي چاووي ٿيڻ جي پوري تحريڪ اکين اڳيان ڦِري اچي ٿي. تَصوُر ۾ سَرڪش سوڍن جي تلوارُن جو تَجلو ٿئي ٿو، ڪولهين جي ڪاتِرَن جا سُوساٽَ ڪنن ۾ گُونجن ٿا. پارڪر جي پَٽ کان هزارين ڪلوميٽر پري دفن ٿيل گوري تَروَٽَ ۽ سندس ساٿين جون هڏيون قبرن ۾ ڪڙڪاٽ ڪن ٿيون. انگريز سامراج ننڍي کنڊ تي غلامي جا ڄار وِڇائيندي 1843ع ۾ سنڌ جو وڏو حصو مياڻيءَ ۽ دُٻي جي مُعرڪي ۾ ميرن کي شڪست ڏيئي کسي ورتو، پر سنڌ جي ڏکڻ ۽ اوڀر ڪُنڊ تي اَمرڪوٽَ ۽ پارڪر جي پَٽ کي مڪمل طور هَٿ وَس ڪرڻ جي لاءِ 16 سال رُڪَ جا چَڻا چَٻڻا پيا. راجپوتن جا ننڍا ننڍا رَجواڙا وقفي وقفي سان بغاوت جي باهه بڻجي گوري کي ڳوٺن مان تڙندا رهيا، پر بغاوت جو وڏو ڀَنڀَٽُ 15 اپريل 1859ع تي ڪارونجهر جي اوٽَ ۾ ڀَڙڪيو، جنهن جي شُعلن جو تَئو صدين تائين وطن جي ويريءَ جي لاءِ مثال بڻجي ويو. انهيءَ وچ ۾ انگريز سامراج ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو، خريديو ۽ کارايو، لقب ڏيو ۽ لاچار بڻايو، جي پاليسيءَ تحت هزارين حُربا هلايا، پر مارئيءَ جي مٽيءَ جي ماڻهن ”ايءُ نَه مارُن ريت، جو سيڻَ مَٽائِين سونَ تي“ جي رِوايت تي رهندي وطن جي ويڙهن سان وچن ڪري ورتو هو ته

                                                            سَڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وِسري

                                                                حيفُ تِني هوءِ، وطن جِن وساريو

  (شاهه)

ڪَنڊِين سايُون سِنڱِريون،پُسي ڳاڙها گُل،

مٿان وُٺيون مينهن جون بوندون موتين تُل،

مٽي ڪهڙا مُل، گهوري جند ملير تان

(شيخ اياز)

جنهن جي موٽ ۾ ويري سامراج نئين حڪمت عملي جوڙي ننگر جي راڻي، ان جي پرڌان، ويراواهه جي سوڍي سميت پارڪر جي مکيه ڪوٽڙين جي ڌڻين کي ڌرتيءَ ڌڪاڻا ڪرڻ جي لاءِ روينيو جو پورو سرشتو بدلائي ٿر ۽ پارڪر جا ٻئي ڀاڱا سنڌ جي ڪمشنر حوالي ڪري ڇڏيا. سوڍن جي مختلف مُعاشي ذريعن تي انڪوائري ڪاميٽيون ويهاري سڌو سنئون للڪارڻ شروع ڪيو ته، راجپوتي رت جي ٽَهڪڻ ۾ شِدت اچي ويئي. ڪارونجهر ۾ ڪُوڪُرا ٿي پيا، رِڻ گَجي راڙو ٿئي، راجپوت گهر ويهي اِهو مَهڻي مِثل هو. ڪارونجهر جي آس پاس ڳوٺ گڏ ٿيڻ لڳا، اوچتو هڪ ڏينهن ننگر شهر ۾ ٽيليگراف کاتي جي ڪن ڪارندن جي ڪول ۽ سنٿال قبيلي سان اڻ وڻندڙ حرڪت سوڍن ۽ ڪولهين جي اندر جي ڪروڌ کي وڏي ويڙهه تي سنڀرائي وِڌو. راڻي ڪَرڻجي جي هَڪل تي سندس ڀاءُ پوپت سنگهه، ويراواهه جو راڻو لاڌو سنگھه ، ٻهراڻي جو راڻو ڪلجي، ٺاڪر ماسينگهه، ٺاڪر پونجو ۽ ٻيا اچي راڻي جي ڪئمپ ۾ ڪَٺا ٿيا، ڪُنڀاريي جو ڳوئل روپلو ڪولهي، پنهنجي بهادر ساٿين ڏََجو ۽ مَڏو جي اڳواڻيءَ ۾ پنج هزار ساٿين سميت اچي شامل ٿيو. سڀني گڏجي بغاوت جو جهنڊو بُلند ڪندي 15 اپريل 1859 تي ننگر پارڪر جي پوليس ٿاڻي تي حملو ڪيو، ڪاردار جي ڪچهريءَ ( درٻار) کي باهه ڏني ويئي، مواصلاتي نظام جون تارون ڪٽڻ سان گڏ زميني رستن جا لنگهه بند ڪيا ويا. خزانو لُٽي جشن ملهايو ويو. پر اُن وقت جو مُختيارڪار مُنشي ڏيئو مل ڪنهن طريقي انهيءَ معرڪي ۾پاڻ بچائڻ سان گڏ ويڙهه جي اها خبر حيدرآباد موڪلڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ڪرنل ايوانس حيدرآباد جو اسٽيشن ڪمانڊر هو، تنهن 18 اپريل تي بغاوت جي اهڙي خبر ملڻ سان تُرت ٿرڊ بلوچ ريجمينٽ جي هڪ ونگ کي ننگرپارڪر وڃڻ جو حڪم ڏنو. ڪجهه توبخانو ڪراچيءَ مان گهرائي روانو ڪيو. ساڳئي هفتي ۾ ڪرنل ايوانس کي حڪم مليو ته، هو پاڻ وڃي ڏيسا، حيدرآباد ۽ ڪڇ کان ايندڙ مختلف فوجن جي ڪمانڊ سنڀالي. انهيءَ حُڪم نامي جي پوئيواري ڪندي ڪرنل ايوانس پنهنجن سپاهين کي 30 اپريل تي اسلام ڪوٽ ويجهو اچي رَسيو. ٿرپارڪر جو ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ به اچي ڪرنل ايوانس سان مليا. جن سان ضروري معلومات وٺڻ کان پِوءِ ڪرنل ايوانس جو قافلو اڳتي وڌيو. سوڍن اهڙا سَماچار سُڻندي وطن جي ويرين کي تڙپائي مارڻ جي لاءِ رستي جي کوهن ۾ زهر وجهرائي ڇڏيو. ڏيسا کان ايندڙ فوج ميجر ڪُئلي جي اڳواڻيءَ ۾ سڀ کان پهرين اچي ننگرپارڪر پهتي، جنهن کي سيکت ڏيڻ جي لاءِ سوڍن جي هٿن ۾ تلوارون ۽ ڪولهين وٽ ڪاترون ۽ گوڦَڻ تيار هيون ، رڳو اچڻ جي وير هئي. انهيءَ فوج تي 1 مئي 1859 تي حملو ڪيو ويو، سوڍن جي حملي جي جواب ۾گورن جي فوج گولن جا جيڪي ٺَڪاءَ ڪيا، تِن جو آواز ڪرنل ايوانس 50 ميلن جي مُفاصلي تي ٻُڌو. 

ڪارونجهر جي سپاهين انهن جي پرواهه ڪرڻ جي بدران پِڙ ۾ پهلوان ٿي ويڙهه ڏني. 2 مئي تي ڪرنل ايوانس کي ويراواهه شهر ۾ فقط هڪ سامي نظر آيو. سڄو شهر سُنسان هو. ڀوڏيسر جا ٺَڪُرَ سَمٿِجي ۽ هَٻجي پنهنجي وڏڙن جي ريت روايت کي پُٺي ڏيئي ”مون پَڪ سُڃاتا پنهنجا هئا، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ “ واري ڪُلڇڻائيءَ ۾ ڪردار جا ڪِنا ٿي پنهنجن چند ماڻهن سان گڏجي ٻئي ڏينهن تي رستي ۾ ڪرنل ايوانس سان مليا ۽ گوري سان وفاداري ڪندي کيس پهرئين قدم ۾ راڻي ڪرڻجي جي ساٿين پاران کوهن ۾زهر وجهرائڻ جي عمل کان آگاهه ڪيو. ڪرنل ايوانس کي اهڙن غدار ڳوٺاڻن جي ضرورت هئي، هن مختصر لفظن ۾ مهرباني مڃيندي سَمٿجي ۽ ساٿين کي ننگرپارڪر پهچڻ جو حڪم ڏنو. 3 مئي تي وطن جي سورمن سان ننگرپارڪر ۾ انگريز فوج جو سخت مُقابلو ٿيو. ننگرپارڪر ۾ سوڍن ۽ ڪولهين جي ويڙهه جي ڪئمپ جومرڪز ڪارونجهر جي پهاڙيءَ تي راڻي چندن سنگهه جو اڏايل  “چندن گڍ” هو.

ڀارو مل امراڻي

 اَمَر روپلي ڪولهيءَ جي تاريخي ڊاڪومينٽري ويڊيو ڏسڻ لاءِ لنڪ تي ويندا


Comments

Post a Comment