انسان پاڻيءَ ۾ ٻُڏي مري وڃي ٿو پر ماءُ جي پيٽ جي پاڻيءَ جي ٿيلھي ۾ ڪئين محفوظ آھي؟
جڏھن
ڪوئي پاڻي ۾ ٻڏندو آھي تھ مرندو ڇو آھي؟ ڇو جو ھو پاڻي اندر ساھ ناھي کڻي سگھندو اھو ساھ تڏھن کڻندو
جڏھن ان جو نڪ يا وات جي ذريعي ھوا انھن جي ڦڦڙن ۾ داخل ٿيندي ۽ ٻاھر نڪرندي پر ٻڏندر انسان جي نڪ يا وات مان ھوا بجائي
پاڻي اندر ويندو آھي انڪري ان جو ساھ منجھڻ لڳندو آھي ۽ ھو ٻُڏي مري ويندو آھي
جڏھن تھ جيڪو ٻار ماءُ جي رحم (پاٽ) ۾ ھوندو آھي اھو پنھنجي ڦڦڙن ذريعي ساھ ناھي کڻندو پر ان جا گيسز (آڪسيجن ۽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ) جي مٽاسٽا پلاسينٽا ذريعي ان ٻار جي ۽ ماءُ جي وچ ۾ ھوندي آھي جڏھن تھ ساھ کڻڻ وارو عمل پيدائش کان پوءَ شروع ٿيندو آھي، رحم (پيٽ) ۾ ٻار ٿيلھي (amniotic sac) ۾ بند ھوندو آھي جنھن ۾ مائع ڀريل ھوندو آھي (amniotic fluid) ان مائع ۾ 95فيصد کان وڌيڪ تھ پاڻي ئي ھوندو آھي ان کان علاوھ ڪجھ ٻيا معدا پروٽين، ڪاربوهائيڊريٽ، لوڻ، هارمون ۽ ڪجهه سيل وغيره.

Comments
Post a Comment