چند روز مديني کان ٿو لنگھين،
منھنجي سڄڻن کي تھ سلام ڏجانءِ
بيھي گمبدِ خضرا جي سامھون، منھنجي پرين کي تھ سلام
ڏجانءِ
سڪ ڏاڍي لڳي آ سيني ۾، محبوب
گھرايو مديني ۾
ھي شھر ڇڏي اچان لال لڏي، ھن
سال ئي سوار سفينَي ۾
محبوب گھرايو مديني ۾
ناھي سوال ڌن ڌراوٽ جو، سائين
شرف عطا ڪيو زيارت جو
اچي چونٽ چمان، گھٽيون گھوٽ
گھمان
حج پاڪ جي پاڪ مھينَي ۾
حُب پاڪ حبيب ھيڪاندا آ، ديدار لاءِ دل
ماندي آ
ڏسي روزو ٺران، پوءِ ڇو نھ
مران
رحمت جي خاص خزينَي ۾
بيصمرو ڪمزور آھيان، لک تو ۾
اميدون ڪئين لاھيان
لڄپال نبي ڪر ڀال نبي
ناھي طاقت ڪا مسڪينَي ۾
لکان ڇا ڇا نٿو مضمون اچي،
سواءِ تنھنجَي نھ سنڌ ۾ سڪون اچي
ھڪ ڀيرو اچان پوءِ بچان نھ
بچان نھ بچان
ڪر پوري اميد جينَي ۾
ھن جُملَي جماعت ساڻ مٺا، ھي
بچل فقير پاڻ مٺا
سڏي قول ڪيو، خالي جھول ڀريو
ڏسو ڪين ڪچايون ڪميني ۾
محبوب گھرايو مديني ۾
SubhanAllah
ReplyDelete